سيد ولايت شاهه

سيد ولايت شاهه: سيد ولايت شاهه جو شمار تيرهين صدي هجريءَ جي بزرگن ۾ ٿئي ٿو. سندس تعلق بخاري ساداتن سان آهي. ولايت شاهه ۽ واصل شاهه ٻئي پاڻ ۾سڳا ڀائر هئا. سيد ولايت شاهه نقشبندي طريقي جو بزرگ هو. کيس خواجه صفي الله سرهندي حديدويءَ کان فيض حاصل ٿيو هو. کيس مرشد طرفان خلافت جو خرقو عطا ٿيل هو ۽ مرشد کيس شڪارپور ۾ پنهنجو مختيار بڻائي ويهاريو. سيد ولايت شاهه جي مزار، جماڻي هال شڪارپور جي اوڀر طرف ميراڻي عيدگاهه ۾ واقع آهي.


لفظ سيد ولايت شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو